سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو

سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتيديري شهر توڙي تعلقي جو واحد اشاعتي ادارو آهي، جنهن پاران ماضي کان وٺي حال تائين وقت بوقت معياري ادبي ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا. هن اداري جو قيام 1981ع ڌاري عمل ۾ ‎آيو ۽ هيل تائين هن اداري پاران ڏهه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
هن ڪتابي سلسلي جو بنيادي مقصد پڙهندڙن تائين سستي اگهه ۾ سهڻا ۽ معياري ڪتاب مهيا ڪرڻ آهي.
رتيديري شهر ۾ گذريل 32 سالن کان ڪم ڪندڙ هن ڪتابي سلسلي جو بنياد سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ استاد قاضي عبدالحئي قائل 1981ع ۾ وڌو، جنهن جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ قاضي عبدالحئي قائل، سرڪش سنڌي، مقصود گل، مختيار گهمرو، فتاح هاليپوٽو، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات شامل هئا. هن اداري جا مختلف وقتن تي چيئرمئن سرڪش سنڌي ۽ مقصود گل رهيا آهن.
هن اداري طرفان سنڌ جي ناليوارن اديبن ۽ شاعرن جا هيٺيان ڪتاب ڇپيا آهن:
وکريل موتي: هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر، اديب، محقق ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي مقالن تي مشتمل آهي، هن ڪتاب جو مرتب ناليوارو شاعر ۽ اديب مقصود گل آهي، جنهن حامي صاحب جي تيرهن مقالن کي ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ آندو. هي ڪتاب جون 1983ع ۾ حامي صاحب جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي پڌرو ڪري مهورت لاءِ پيش ڪيو ويو.
زندگيءَ ڏي موٽ: هي جڳ مشهور ،ڪهاڻيڪار ۽ افسانانگار ڪرشن چندر جي اٺن ڪهاڻين جوڳٽڪو آهي، جن ڪهاڻين کي مقصود گل ۽ مختار گهمري ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جو ويس پارايو. هن ڪتاب ۾ ڪرشن چندر جون اٺ ڪهاڻيون زندگيءَ ڏي موٽ، ڪوڙا رشتا، شاعر ۽ اديب، ليڊر جي ڪرسي، ڌنڌ، اوسيئڙو، کنگهه، بيوقوف جي عنوان سان شامل آهن. هي ڪتاب 1985ع ۾ شايع ٿيو.
ڪرڻا ڪرڻا: هي ڪتاب مقصود گل جي ٻاراڻي شاعريءَ جو مجموعو آهي، هن ڪتاب ۾ ٻارڙن جي دلچسپيءَ جي عنوانن اجرڪ پايو، پالش وارو، ريل راند، راڻي باغ جو سير، پريم پري ۽ ڪاڻو ديو وغيره تي شاعري شامل آهي. هي ڪتاب 1986ع ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو.
امن آب حيات: هي ڪتاب سنڌ جي نامياري مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، هن ۾ سرڪش سنڌيءَ جا بيت، وايون ۽ غزل شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو ۽ هي 1987ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
لهر لهر دريا: هي سنڌ جي هر دل عزيز عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي چؤسٽن ۽ قطعن جو مجموعو آهي، جنهن جا ٻه ڇاپا سنڌڙي ڪتابي سلسلي رتيديري پاران ڇپيا. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1990ع ۾ پڌرو ٿيو.
رت ڀنا رابيل: هي ڪتاب مقصود گل جي مزاحمتي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو 1991ع ۾ هن اداري پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.
هڪڙو پيارو ماڻهو: هي ڪتاب نامياري شاعر قاضي منظر حيات جي ايم.اي (سنڌي ادب) جي آخري سال جي مونوگراف جي ڪتابي شڪل آهي، جيڪو قاضي عبدالحئي ’قائل‘ جي زندگي، فن، فڪر تي مشتمل هڪ مڪمل دستاويز آهي، جنهن ۾ قاضي عبدالحئي ’قائل‘ جي شخصيت جي هر پهلو کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن مونوگراف کي ’هڪڙو پيارو ماڻهو‘ جي نالي سان ڪتابي شڪل ڏئي 1992ع ۾ هن اداري پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو.
مٽيءَ جا سر: نامياري شاعر عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو مجموعو ’مٽيءَ جا سر‘ هن ئي اداري پاران 1992ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ گيت، غزل، نظم ۽ آزاد نظم شامل آهن.
چنڊ ستارا جهوليءَ ۾: هي ڪتاب نامياري شاعر مختار گهمري جي ٻاراڻي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ٻارڙن جي ڏانءَ جا معلوماتي ۽ نصيحت آميز تفريحي نظم شامل آهن. هي ڪتاب 2001ع ۾ هن ئي اداري پاران ڇپيو.
رتوديرو (مختصر تاريخ): هن ڪتاب ۾ رتيديـري تعلـقـي مـتعلق بنيادي ڄاڻ بايو ڊيٽا جي صورت ۾ درج ٿيل آهي ۽ هي ڪتاب قاضي مقصود گل جي محنت جو نتيجو آهي، جيڪو 2002ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو